ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي 20 مک روڊن تي رڪشا هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪمشنر پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ته شاهراهه فيصل سگنل کان مادام اپارٽمينٽ تائين، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٽاور کان شاهين ڪامپليڪس، نمائش کان شاهراهه فيصل، ميٽرڪ بورڊ آفيس کان ناگن چورنگي، شير شاھ سوري روڊ تي رڪشا نه وڃي سگھندا. شهيد ملت روڊ جيل چورنگي کان شهيد ملت ايڪسپريس وي، عبدالله هارون روڊ تي ٻه تلوار کان هاشو سينٽر موبائل مارڪيٽ ۽ هوشنگ خيابان اقبال به رڪشائن جي داخلا لاءِ بند ڪيا ويا آهن. شاهراهه فردوسي تي ٻه تلوار کان درگاهه عبدالله شاهه غازي تائين رڪشا نه هلي سگهندا. اسٽيڊيم روڊ تي ملينيم مال کان نيو ٽائون، آغا خان اسپتال، لياقت اسپتال وارو رستو به رڪشا لاءِ نه هوندو. سر شاهه سليمان روڊ، سر حبيب ابراهيم رحمت الله روڊ حسن اسڪوائر به رڪشائن لاءِ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي. راشد منهاس روڊ تي ڊرگ روڊ کان سهراب ڳوٺ به رڪشائن تي پابندي هوندي.