ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊن جي اختيارين پاران آڊٽ پيراز جو 10 سالن کان رڪارڊ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ٻنهي بورڊن جي چيئرمينن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بورڊن جي 2 آڊٽ آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ ڪراچي انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊ جي سال 2012ع کان 2021ع تائين 10 سالن جي آڊٽ پيراز جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ انٽر ۽ ميٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آفيسرن آڊٽ پيراز جا ورڪنگ پيپر ۽ تفصيل فراهم نه ڪيا،جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر جمع نه ڪرڻ تي انٽر بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ آفيسر زاهد علي لاکو ۽ ميٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ آفيسر سيد شائق علي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته آفيسرن پاران آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر فراهم نه ڪرڻ واري غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ کان پڇاڻو ڪيو ته انٽر بورڊ جو چيئرمين پي اي سي اجلاس ۾ ڇو نه آيو آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته نسيم ميمڻ کي هراسمينٽ واري ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ هٽايو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي اسٽي سبب سرچ ڪاميٽي تعليمي بورڊ جا نوان چيئرمين مقرر ڪري نه ٿي سگهي، عدالت جو اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ بعد نوان چيئرمين ڀرتي ڪيا ويندا.. اجلاس ۾ پيش ڪيل هڪ ورڪنگ پيپر ۾ انٽر بورڊ ڪراچيءَ ۾ گريڊ 2 کان 5 تائين ڀرتي ٿيل نائب قاصدن، مالهي، چوڪيدار ۽ ڊرائيورن سميت 11 ملازمن کي غيرقانوني پروموشن ڏئي جونيئر ڪلارڪ ڪرڻ سبب پگهارن جي مد ۾ واڌو هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا خرچ ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. ميٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي ورڪنگ پيپر ۾ سال 2010ع ۾ 18 هين گريڊ جي رٽائرڊ آفيسر کي هڪ سال لاءِ ڪانٽريڪٽ تي 19 هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ريسرچ ڀرتي ڪرڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو آهي. انهي رٽائرڊ آفيسر کي پگهارن جي مد ۾ 23 لک رپيا جاري ٿيا.