ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ٿاڻي  مان 2 جوابدار فرار، اولهه ضلعي جي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي مان منشيات ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار عبدالباسط ۽ جمعون خان فرار ٿي ويا، ايس ايس پي اولهه واقعي جو نوٽيس وٺندي منشي ۽ سنتري ( سپاهي) کي معطل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدارن صبح جو سنتري کان پاڻي گهريو، سنتري لاڪ اپ کليل ڇڏي پاڻي کڻڻ ويو، پويان جوابدار فرار ٿي ويا،