ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي وڏن پارڪن ۾ شهرين کان انٽري في وصول ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪي ايم سي جي وڪيل کي ڇنڊ پٽي ڇڏي، 4 آڪٽوبر تائين وضاحت پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ميئر ڪراچي کي طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران وڪيل طارق منصور عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي پابندي باوجود وڏن پارڪن ۾ عوام کان في وصول ڪئي پئي وڃي، جنهن تي جسٽس عرفان سعادت ڪي ايم سي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيا آھيو؟ پبلڪ انٽري في ختم ڪري هاڻ وري پارڪنگ في شروع ڪئي وئي آھي، هتي ميئر اچي وضاحت ڪري، جنهن تي ڪي ايم سي جي وڪيل سيد مجتبيٰ عدالت کي ٻڌايو ته ائين ناھي، جيئن درخواستگذار چيو آھي، جواب لاءِ مھلت ڏيو، ميئر ڪراچي کي طلب ڪرڻ کان اڳ اسان جو موقف ٻڌو وڃي، عدالت چيو ته 4 آڪٽوبر تائين وضاحت ڏيو، ٻي صورت ۾ ميئر ڪراچي کي طلب ڪنداسين، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.