ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان  برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪري  گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان ۽ برطانوي حڪومتن ۾ سدائين مختلف شعبن اندر سهڪار جاري رهيو، ملاقات دوران مرتضيٰ وهاب برطانوي هاءِ ڪمشنر کي تاريخ، تهذيب ۽ ترقي جي حوالي سان آگاهه ڪندي چيو ڪراچي ۾ برطانوي دور ۾ ڪي ايم سي جي موجوده عمارت، فريئر هال، باغ ابنِ قاسم، ميري ويدر ٽاور ۽ ٻيو ڪيتريون ئي عمارتون تعمير ٿيون هيون، ملاقات ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي  خاطري ڪرائي .