ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي معصوم انوشه کي گهٽا ڏئي  قتل ڪرڻ جو انڪشاف: ڪيس به داخل، حليم عادل شيخ تڏي تي پهتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ گهٽا ڏئي  قتل ڪيل نينگري انوشه جو ڪيس سندس والد اختر جي فرياد تي پاڪستان بازار ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي،  فريادي ڄاڻايو آهي ته آئون مزدوري تي ويل هئس، مون کي فون تي اطلاع مليو ته انوشه جي ڳچي ۾ رئو ويڙهيل آهي ۽ هوءَ فوت ٿي چڪي آهي . فريادي موجب گهر جو دروازو کليل هو، منهنجي ڌيءَ کي نامعلوم جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف ڊي ايس پي جعفر بلوچ موجب ڊاڪٽر ابتدائي طور واقعو خودڪشي ڄاڻايو پر ڪرائيم سين ۽ ڊاڪٽر جي موقف ۾ تضاد هو، ڪرائيم سين ٻڌائي پيو ته نينگري قتل ٿي آهي، نينگري جي ننڍي ڀاءُ قتل ٿيندي ڏٺو، هن ٻڌايو ته ته ڀيڻ کي گهٽا ڏنا ويا. ڊي ايس پي موجب ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ناهي ٿي.  ھوڏانھن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ متاثر خاندان سان ڏک ونڊڻ لاءِ سندس گھر پھتو،  هن ڏکايل خاندان جي مالي مدد پڻ ڪئي. جڏھن ته قانوني مدد جي آڇ ڪئي ان موقعي تي حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مونکي انوشا  جي گھر جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، هنن وٽ گھر ۾ کائڻ لاءِ ٿانو به ناھن، گهر ۾ رسي ڪٿان آئي جو ٻارڙي خودڪشي ڪئي هوندي؟