ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ 3ڄڻا مارجي ويا، شهيد ملت روڊ، منگهو پير ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا
فيروز آباد ٿاڻي جي حد شهيد ملت انڊر باءِ پاس وٽ فائرنگ ۾ نوجوان دانش مارجي ويو
منگهو پير جي ميانوالي ڪالوني مان 43ورهين جي شخص جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو
ايف بي ايريا گلشن شميم مان نوجوان روبن مسيح جو تشدد ٿيل لاش هٿ مليو
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن بابت وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي، جاچ بعد ٻڌايو ويندو ته واقعا ذاتي دشمني تي پيش آيا آهن يا ڦر دوران مزاحمت تي کين قتل ڪيو ويو آهي