ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي وارو هنڌ سيل

0
93
ڪراچي جي صدر واري

ڪراچي: ڪراچي جَي صدر واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي وارو هنڌ سيل، قناطون لڳائي دائود پوٽا روڊ به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو

  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيمز پاران واقعي واري هنڌ جو دورو، ڀرپاسي جي عمارتن ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فٽيجز جو به جائزو ورتو ويو، ڌماڪي ۾ مارجي ويل نوجوان عمر صديق جو لاش رحيم يار خان منتقل ڪيوويو

 گذريل ڏينهن صدر جي مرشد بازار وٽ ڪچري جي ڍير ۾ ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽10 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب ڌماڪو ٽائيم ڊوائيس ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو، ڌماڪي لاءِ اڍائي ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو

ڪراچي صدر ڌماڪو: بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان رپورٽ تيار

ڪراچي جي صدر واري علائقي ٿيل ڌماڪي جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي، بي ڊي ايس اختيارين موجب ڌماڪي ۾ 2ڪلو بارودي مواد ۽ اڌ ڪلو بال بئرنگ استعمال ٿيا، ڌماڪو ٽائم ڊوائس ذريعي ڪيو ويو

ماضي ۾ ان نوعيت جا 2 ڌماڪا  ڪيا ويا، هڪ ڌماڪو شيرين جناح ڪالوني جڏهن ته ٻيو ماڙي پور روڊ تي ڪيو ويوهو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو: ڪيترائي زخمي