ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سٽي ڪورٽ سميت ڪراچي جي عدالتن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت داخل درخواست تي اهم اڳڀرائي، چيف سيڪريٽري آءِ جي سنڌ، ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين فوڪل پرسنز مقرر ڪري ڇڏيا، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار پاران فوڪل پرسن نامزد نه ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ اختر حسين عدالت کي يقين ڏياريو ته اسان هلندڙ هفتي ۾ فوڪل پرسن نامزد ڪري ڇڏينداسين، جنهن تي عدالت 6 مئي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي صدارت ۾ اجلاس ڪوٺائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس آغا فيصل چيو ته اجلاس جي بنيادي ايجنڊا موجوده مالي سال ۾ حاصل ڪيل سهولتن جي نشاندهي هوندي، عدليا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وڪيلن سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو. وڪيلن بنا اسان ڪجهه به ناهيو ۽ اهي به اسان بنا هلي نٿا سگهن، درخواستگذار وڪيل ضياء اعواڻ چيو ته وڪيلن جي ورڇ ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي، عدالت چيو ته اسان وڪيلن کي ورهائڻ نٿا چاهيون، موجوده سٽي ڪورٽ صرف 12 ايڪڙن تي آهي، اتي نئون انفرا اسٽريڪچر تيار نٿو ڪري سگهجي، سموريون ڌريون جوڊيشل ڪامپليڪس لاءِ ڪنهن نئين جڳهه جي نشاندهي ڪن سرڪاري وڪيل چيو ته ڪورنگي ۾ وڏي ايراضي تي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، اتي ڪجهه عدالتون منتقل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن تي درخوادستگذار چيو ته لاهور ۾ به تعلقي سطح تي عدالتن جي قيام جو فارمولو ناڪام ٿي ويو آهي، نئين چيف جسٽس سينٽر لائيزڊ ڪامپليڪس ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي، ڪراچي ۾ ڪنهن به سينٽرلائيز ڊ جڳهه تي عدالتي ڪامپليڪس تعمير ڪيو وڃي، جسٽس آغا فيصل چيو ته اولڊ سٽي ايريا ۾ هاڻ گنجائش ناهي رهي، تنهڪري سٽي ڪورٽ ۾ بهتري لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، ٽريفڪ، سيڪيورٽي، صحت ۽ صفائي جي انتظامن لاءِ تمام گهڻا مالي وسيلا گهرجن، سمورا اسٽيڪ هولڊر 6 مئي واري اجلاس کان اڳ پنهنجا پروپوزل ڏين، اجلاس ۾ طئه ڪيل روڊ ميپ بابت 14 مئي تي آگاهه ڪيو وڃي.