ڪراچي ۾ نورجهان کان پوءِ سونيا نالي هاٿي به مري وئي، سونيا جي عمر 22 سال هئي، سفاري پارڪ ۾ سونيا جو موت رات ڌاري ٿيو، صبح جو مئل حالت ۾ هٿ آئي، ڊائريڪٽر سفاري پارڪ امجد زيدي موجب سونيا هاٿيءَ جو موت ڪيئن ٿيو، پوسٽ مارٽم بعد ئي معلوم ٿي سگهندو، 2009ع ۾ سنڌ حڪومت آفريڪا کان 4 هاٿي آندا هئا، جن مان نورجهان هاٿي اپريل 2023 ۾ مري وئي هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ چڙيا گهر مان مڌو بالا کي سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويو هو، سونيا جي مرڻ کان پوءِ سفاري پارڪ ۾ باقي 2 هاٿي ملڪه ۽ مڌو بالا موجود آهن .