ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ايريڪا رابن مس يونيورس پاڪستان بڻجي وئي، لاهور جي حرا انعام، راولپنڊي جي جيسيڪا ولسن، پنسلوانيا کان آمريڪي ڄائي پاڪستاني مليڪه علوي ۽ پنجاب جي سبرينا وسيم به مقابلي ۾ شامل هيون، ايريڪا رابن مس يونيورس جو ٽائيٽل کٽڻ بعد چيو ته پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ مقابلي ۾ حصو ورتو، هن چيو ته آئون چاهيان ٿي ته پوري دنيا پاڪستان جي ثقافت کي ڄاڻي، سڀني کي دعوت ڏيان ٿي ته پاڪستان اچن، هتان جي ثقافت ۽ مهمان نواز جو مزو وٺن. واضح رهي ته مس يونيورس پاڪستان هن سال نومبر ۾ ايل سلواڊور ۾ ٿيندڙ عالمي مس يونيورس مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي وڏي حسن جي مقابلي مس يونيورس ۾ پاڪستاني حسينائون به حصو وٺنديون.