ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت واري نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز ڪراچي شهر جو ڪنٽرول ملڻ جي صورت ۾ گٽڪا ۽ پان واپرائڻ تي مڪمل پابندي لڳائڻ ۽ سختي سان عمل ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪالهه لياري جنرل اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر مان گٽڪو ۽ پان واپرائڻ خلاف ڪاروائي جا اختيار ڏنا وڃن ته شهر ۾ هڪ ماڻهو کي به پان يا گٽڪو کائڻ نه ڏيندس، هن چيو ته منهنجي ننڍڙي اسپتال آهي، جيڪا منهنجي ڪنٽرول ۾ آهي، اتي گٽڪو کائيندڙ مريض يا سندس مائٽن داخل ٿيڻ ناهي ڏنو ويندو، هن چيو ته ماڻهو پان ۽ گٽڪو واپرائي پئسن ۽ صحت جو نقصان ڪن ٿا. گٽڪي جي بدبوءِ سبب اهي پنهنجي مائٽن سان گڏ ويهي به نٿا سگھن، هن لياري جنرل اسپتال جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته موجود فنڊن مان اسپتال جي صفائي سٿرائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.