ڪراچي جو نور زمان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپين بڻجي ويو

0
55
ڪراچي جو نور زمان ايشين

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي نور زمان ايشين جونيئر اسڪواش چيمپين بڻجي ويو اھڙي طرح پاڪستان کي چيمپين شپ ۾ واحد گولڊ ميڊل بھ ملي ويو

سيڪنڊڊ سيڊ نور زمان ٿائي لينڊ جي شھر پتايا ۾ منعقد چيمپين شپ جي بوائز انڊر 19 ايونٽ جي فائنل ۾ ملائيشيا جي جوا چم چوھا کي سخت مقابلي کانپوءِ 1_3 تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي

18 سالن جي نور زمان پھرين گيم 9_11 تان کٽيو، ٻي گيم ۾ 12_10 تان ناڪامي ملي ۽ بعد ۾ ھنن ايندڙ ٻنھي گيمز ۾ 5_11 ۽ 9_11 تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽائيٽل پنھنجي نانءِ ڪيو.پاڪستان چار سالن کانپوءِ اھو ٽائيٽل حاصل ڪيو