ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جو مرتضيٰ وهاب ۽ حيدرآباد جو ڪاشف شورو ميئر ٿيندا، سندن نالن جو حتمي اعلان صوبائي صدر ڪندو، ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پ پ قيادت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ميئر جي مقرري لاءِ سينئر پارٽي اڳواڻن سان مشاورت جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي. جنهن بعد پارٽي قيادت فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڪراچي جي لاءِ اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جو خاص معاون مرتضيٰ وهاب بهتر اميدوار آهي، انهي ڪري کيس ئي ڪراچي جو ميئر مقرر ڪيو ويندو، ساڳي ريت حيدرآباد لاءِ ڪاشف شورو جي نالي تي پڻ پارٽي جي سينيئر قيادت اتفاق ڪري ورتو آهي، هوڏانهن ڪالهه وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس دوران  وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته ڪراچي ۾ ميئر جو اميدوار هن حال ۾ ئي ويٺو آهي، ان وقت صحافين کان علاوه مرتضيٰ وهاب وڏي وزير سان گڏ انهي هال ۾  موجود هو، ٻئي طرف پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي  ۽ فريال ٽالپر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين پ پ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ڪٿي به ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ ڪنهن به پارٽي اميدوار جو نالو فائنل ناهي ڪيو، اڃا تائين نالن تي غور ويچار هلندڙ آهي، ميڊيا تي هلندڙ نالن ۾ ڪا صداقت ناهي، اميدوارن جي نالن بابت حتمي فيصلو ٿيڻ بعد پارٽي انهن جو باضا بطا اعلان ڪندي.