ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جو ماڙيپور ٽائون سخت مالي مسئلن جو شڪار آهي. فنڊن جي کوٽ ۽ بدانتظامي سبب ٽائون جي ڪنهن به يونين ڪميٽي ۾ ڪو به وڏو ترقياتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ماڙي پور ٽائون جو اوڪٽراءِ  ضلعي ٽيڪس (او زيڊ ٽي) جي مد ۾ 8.5 ملين رپيا ماهوار مان وڌائي 12 ملين رپيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ هر مهيني وصول ٿيندڙ رقم ان کان علاوه آهي. ٽائون جي ملازمن جو تعداد اٽڪل 16 سئو آهي. انهن جي پگهار ۽ ٻي ادائگي کان پوءِ هر مهيني او زيڊٽي مان هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا جڏهن ته 40 کان 50 لک رپيا ٽيڪس کان بچايا ويندا آهن. اهڙي طرح هر مهيني اٽڪل ٻه ڪروڙ رپيا بچي رهيا آهن. ذريعن موجب ٽائون ٺهڻ کان وٺي ترقياتي ڪمن لاءِ صرف ٻه سيپرا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ٽيون رمضان ۾ ضروري ڪمن لاءِ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته، پهرين ٻن سيپرا تحت ٺيڪيدارن کي ادائگي نه ڪئي وئي آهي. جنهن سبب هڪ يونين ڪميٽي جي ٻن ٺيڪيدارن ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت ان صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل  ماڙيپور ٽائون جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سمورن يونين ڪميٽين جي چيئرمينن جو اجلاس سڏايو ھو. ذريعن موجب عبدالقادر پٽيل ان حوالي سان سخت هدايتون ڏنيون آهن. واضح رهي ته ھاڻوڪي ٽائون ڪاميٽي ٺھڻ کان اڳ جي فائلن جي مد ۾ ٺيڪيدارن جا رھيل ڪروڙين روپيا به تحت ڏنا پيا وڃن.