ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سمنڊ ۾ خام تيل ۽ گند ڪچرو اڇلائڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ڪراچي واٽر بورڊ طرفان رپورٽ جمع، ايشيائي بينڪ جي سهڪار سان ايس ٽي پي-4 منصوبي تحت پاڻي ري سائيڪل ڪرڻ وارو منصوبو شروع، عدالت لاڳاپيل ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي واري رپورٽ، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خام تيل ۽ صنعتي گند ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ڪراچي واٽر بورڊ طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ موجب گريٽر ڪراچي سيوريج  رٿا ايس ٿري تي ڪم جاري آهي، جنهن وسيلي ڪراچي جي سيوريج ۽ ماحولياتي حالتن کي بهتر بڻايو ويندو، انهي رٿا جي گنجائش  500 ايم جي ڊي آهي، موجوده سيوريج سسٽم ۾ خرابيون آهن، جنهن سبب گندو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، رپورٽ موجب  ھن منصوبي جو وڏو حصو ڪورنگي ايس ٽي پي-3 ٽريٽمينٽ پلانٽ تي مشتمل آهي، ايشيائي بئنڪ منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار پئي ڪري، ايس ٿري منصوبي تحت گندو پاڻي ري سائيڪل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي جي ملير ندي جي ڏکڻ اولهه واري حصي ۾ واقع ايس ٽي پي فور منصوبو 22 ڪلوميٽرن تي ٻڌل هوندو، جتان پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اهو منصوبو  رهائشي ۽ صنعتن لاءِ هوندو، انهي رٿا سان شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ تي به ضابطو آندو ويندو، ٻڌڻي دوران ماحولياتي کاتي ۽ واٽر بورڊ وارن عدالت کان گولف ڪلب جي ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت  رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مھلت گهري ورتي، عدالت23 مئي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.