ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بااثر بلڊر جو صحافي گل پيرزادو سان مبينا فراڊ ڪيو آهي، ان ڏس ۾ صحافي گل پيرزادو جو چوڻ آهي ته يوسي چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد پنھور جو ڀاءُ بلڊر مافيا غني پنھور ڀائيوارن سان گڏجي سوين الاٽيز جا ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪري ويو آهي، هن چيو ته بلڊر مافيا گرين لينڊ نالي شروع ڪيل پروجيڪٽ ٻئي بلڊر کي ڪروڙين رپين ۾ کپائي ڇڏيو، سوين الاٽيز رلي ويا، هن الزام هنيو ته بلڊر مافيا غني پنھور يوسي چيئرمين رشيد پنھور جي سياسي سپورٽ تي صحافيءَ کي رقم گھرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳو آهي. مون سميت ٻين جا پلاٽ کپائي رقم ھڙپ ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي ڪري پئسا واپس ڪرايا وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ بلڊر مافيا رزاق آباد ويجھو گرين لينڊ سٽي جي نالي سان سروي زمين تي شروع ڪيل پروجيڪٽ وڪڻي ڇڏيو آهي، 6 سئو کان وڌيڪ الاٽيز رُلي ويا آهيون. هن يچو ته غني پهنور سان گڏ سندس 3 پارٽنر جن ۾ مفتي محمد صديق، بنارس پٺاڻ ۽ عدنان خان بھ ٻانھن ٻيلي بڻيل آھن. ڪراچي ۾ پنھنجي گھر جو خواب ڏسندڙ اٻوجھھ ماڻھن سان فراڊ ڪندڙ بلڊر مافيا غريب ماڻھن کي پنھنجي گھر جو سنھرو خواب ڏيکاري سڄو پراجيڪٽ وڪڻي ڪروڙين رپيا ھڙپ ڪري ويا آهن، هن چيو ته متاثر 6 سئو کان وڌيڪ الاٽيز سندن ڏٽن ۽ دلاسن سبب ٽن کان چئن سالن تائين سندن پٺيان خوار ۽ خراب ٿي رھيا آھن. گل پيرزادو چيو ته مون پنھنجي جمع پونجي مان 10 لک رپيا ڀري 3 پلاٽ خريد ڪيا. پلاٽ وڪرو ٿيڻ کانپوءِ مک ڪردار غني پنھور سان لڳاتار رابطي ۾ رھڻ باوجود ڏٽن ۽ دلاسن کانسواءِ ڪجھھ بھ نھ مليو آهي، ويتر بلڊر مافيا جو مک ڪردار غني پنھور پنھنجي يوسي چيئرمين ڀاءُ رشيد پنھور جي سياسي سپورٽ تي صحافيءَ کي رقم يا پلاٽ جي گھر ڪرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ لڳو آهي، صحافي گل پيرزادي چيو ته مون سميت ٻين جا پلاٽ کپائي رقم ھڙپ ڪندڙ بلڊر مافيا خلاف ڪارروائي ڪري پئسا واپس ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.