ملير (رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اليڪشن اسان جي منزل نه پر منزل تي پهچڻ جو رستو آهي، ڪراچي ملڪ جي بقا، سلامتي ۽ خوشحالي جو گيٽ وي آهي، توهان ڪراچي کي بدحال ڪندا ته پورو ملڪ بدحال ٿي ويندو، سعودآباد ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان بنا شهادت ۽ هڙتال جي ڪراچي جي آبادي ۾ 73 لکن جي واڌ ڪرائي، شهر ۾  53 يوسيز  جو اضافو ٿيو،  اسان گذريل پنجن سالن ۾ شهيدن جي قبرستان کي ڀرجڻ نه ڏنو. هن چيو ته ڪراچي لاوارث ناهي، اڄ ڪراچي جا پٽ ميدان ۾ آهن، اڄوڪو جلسو انقلاب جي تياري آهي، متحده اڳواڻن مصطفيٰ ڪمال  ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار  جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان پ پ جي حڪمراني رهي آهي، شهرين وٽ پيئڻ جو پاڻي نٿو اچي،  جڏهن ته سيوريج جو پاڻي گهرن مان نٿو نڪري. شهر ۾ هائيڊرنٽ ٺاهي اسان جو پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اڄ  به شهري ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائيل ٺهن پيا، اسان جي نوجوانن لاءِ صرف بائيڪيا ۽ فوڊ پانڊا جون نوڪريون آهن، هنن چيو ته 70 لک آبادي وڌڻ بعد  ڪراچي کي قومي ۽ سنڌ اسيمبلين جون 4 سيٽون واڌو مليون آهن، هنن چيو ته ملير متحده جو قلعو آهي، اسان ڪراچي جون 22 قومي سيٽون کٽينداسين، هنن چيو ته اسان سنڌ جي هارين کي وڏيرن کان آزاد ڪرائينداسين، ايندڙ وقت ۾ وزيراعظم اسان جي دفتر ۾ عاجزي سان ايندو ته  اسان سندس غير مشروط حمايت ڪنداسين