ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان جماعت اسلامي جو مقامي اڳواڻ مبينه طور اغوا، تشدد بعد لياري ايڪسپريس تي ڇڏي جوابدار فرار، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد الزام هنيو آهي ته بهار ڪالوني مان پوليس موبائل ۾ سوار نامعلوم جوابدار محمد هارون کي اغوا ڪري ويا، جوابدارن محمد هارون کي منهنجو (ايم پي اي عبدالرشيد) جو ساٿ ڇڏڻ ۽ سندس خلاف وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو، محمد هارون جي انڪار تي  مٿس تشدد ڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس موجب متاثر شخص ٿاڻي تي ڪا به رپورٽ داخل ناهي ڪرائي