ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي ڪراچي ايئرپورٽ تان پرڏيهه مان ايندڙ 2 مسافرن زين العابدين ۽ محمد اختر کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي جوابدار جعلي دستاويزن ذريعي سعودي عرب ويا هئا، جتان هنن بوسنيا وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ترجمان موجب جوابدار پاسپورٽن جي ٽيمپرنگ ۾ ملوث آهن، هنن پنهنجن پاسپورٽن تي لڳل جعلي ويزائن وارا صفحا پڻ ڦاڙي ڇڏيا. ترجمان موجب جوابدارن جي موبائل فونن مان بوسنيا جون ايئر ٽڪيٽون مليون.