ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه مڪاني کاتي کان پڇاڻو ڪيو آهي ته  فنڊ جاري ٿيڻ باوجود ڪراچي شهر جي ڪريم آباد انڊر پاس، ڪورنگي ڪاز وي تي پل ۽ ملير ايڪسپريس وي منصوبا مڪمل ٿيڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي رهي آهي؟ ڪالھه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل  اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي 3ارب 80 ڪروڙن جو ڪريم آباد انڊر پاس منصوبو شروع ڪيو ويوآهي.  1080 ميٽر ڊگهي انڊر پاس جو 300 ميٽر حصو مڪمل ٿي چڪو آهي. 212 پري ڪاسٽ گرائيڊرز مان 151 مڪمل ٿي چڪا آهن، هن وقت 35 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. وڏي وزير مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته انڊر پاس ۾ نيڪال جو مناسب ۽ موثر نظام هجڻ گهرجي ته جيئن برساتي پاڻي گڏ نه ٿئي، وڏي وزير مڪاني وزير سعيد غني ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي تيز ڪيو وڃي، رٿا سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. اجلاس کي ڪورنگي ڪاز وي تي  تعمير ٿيندڙ پل بابت ٻڌايو ويو ته 6 ارب 40 ڪروڙ رپين جو اهو منصوبو 31 جنوري 2025ع تي مڪمل ٿيڻو آهي، جيڪو شايد ممڪن نه هجي. هن وقت رڳو 30 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي،  وڏي وزير مڪاني وزير سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ ذاتي طور تي پل جي ڪم جي نگراني ڪري ته جيئن انهي کي وقت تي مڪمل ڪري سگهجي. اجلاس کي ملير ايڪسپريس وي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ڄام صادق پل کان شاهه فيصل تائين پهرين سيڪشن جي تعمير 25 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ٿي ويندي. وڏي وزير مڪاني کاتي کي شاهه فيصل کان ايئرپورٽ تائين روڊ جي تعمير جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ٽنهي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ حتمي تاريخون ڏنيون وڃن، آئون  ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪندس.