ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽي تلوار ويجهو تاريخي ورثو قرار ڏنل “خارس هائوس” کي عيد وارين موڪلن ۾ ڊاهڻ واري معاملي جي انڪوائري رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي، چيف سيڪريٽري پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملوث آفيسرن ۽ عمارت مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي به شوڪاز نوٽيس جاري، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪلفٽن واري مين روڊ تي انگريز راڄ ۾ اڏيل تاريخي عمارت خارس هائوس کي ثقافت کاتي جي اختيارين پاران 8 مارچ 2018ع تي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ باوجود عمارت کي ڊاهڻ واري معاملي جي انڪوائري رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاران 4 جنوري 2024ع کان عمارت ڊاهڻ وارو عمل شروع ڪرايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانر ۽ بلڊرن جي تنظيم آباد کي شامل نه ڪيو ويو، انڪوائري رپورٽ ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پنهنجي ميٽنگ ۾ به ان معاملي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي ته عمارت تاريخي ورثي جي آهي. انهي باوجود سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 18 آڪٽوبر 2024ع تي عمارت جي مالڪ ڌمائي ڪوائوجي ڪنجا کي بلڊنگ ڊاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تاريخي ورثو قرار ڏنل عمارت ڊاهڻ واري معاملي جو پهريون نوٽيس به سائوٿ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر پاران ورتو ويو هو، جڏهن ته ثقافت کاتي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ستل رهيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي نوٽيس بعد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عمارت ڊاهڻ وارو ڏنل اجازت نامو رد ڪرڻ ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر آفيس رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو نوٽيس تمام گھڻو دير سان اماڻيو ويو. انڪوائري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تاريخي عمارت ڊاهڻ واري عمل ۾ بدانتظامي، مجرماڻي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي نشاندهي ٿي آهي، انڪوائري رپورٽ ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن ۽ عمارت مالڪ خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙي رپورٽ بعد چيف سيڪريٽري سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سائوٿ جي ڊائريڪٽر اشفاق حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر آغا ڪاشف ۽ جائداد جي مالڪ ڌمائي ڪوائوجي ڪنجا خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ايس بي سي اي جي ڄاڻايل ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي معطل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري پاران ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر هيريٽيج کي به معطل ڪري سندس خلاف کاتيوار ڪاروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.