ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند دعويٰ ڪئي آهي ته شادمان ۾نجي بينڪ مان ڦر ڪندڙ 5 جوابدار اسحاق، صديق، عبدالغفار، منصور ۽ عمران گرفتار ڪري 80 لک هٿ ڪيا آهن، هن چيو ته واردات ۾ استعمال ٿيل 125 موٽر سائيڪلون، هٿيار، گارڊن کان ڦر ڪيل هٿيار هٿ ڪياآهن، هن چيو ته جوابدارن بينڪ ۾ ڌاڙي کان اڳ ريڪي ڪئي، گارڊن غفلت ڪندي هٿياربندن کي چيڪ ئي نه ڪيو، جوابدار اسحاق 2010ع ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري به ڪئي، ٻيا جوابدار سندس مائٽ آهن، سندن تعلق رحيم يار خان سان آهي، هن چيو ته ڪراچي منشيات جي حوالي سان دنيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي،