ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ انٽر بورڊ ۾ بدانتظامي ۽ بي ضابطگي واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڪنٽرولر عليم احمد ۽ ٻين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  2021-2022  جي امتحانن جي دوران انٽر بورڊ ۾ بدانتظامي ۽ بي ضابطگي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذارن خلاف 5 انڪوائريون ٿي چڪيون آهن، اڳوڻي انڪوائري ۾ درخواستگذارن خلاف ڪجهه به ثابت نه ٿيو آهي، درخواستگذارن خلاف ڪارروائي بدانتظامي تي ٻڌل آهي، خدشو آهي ته ڇهين انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ درخواستگذارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت کي استدعا آهي ته درخواستگذارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ امتحانن واري ڪنٽرولر عليم احمد ۽ ٻين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ڇهين انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي درخواستگذارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 3 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.