ڪراچي، برنس روڊ تي ڏوهارين جي ڦرلٽ، ڪار سوار جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، ڪراچي جي علائقي برنس روڊ تي ڦرلٽ جي واردات دوران ڪار سوار جي فائرنگ ۾ 2 مبينا ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو
پوليس موجب جوابدارن برنس روڊ تي هڪ ڪار سوار کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار سوار فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ٽئي جوابدار زخمي ٿي پيا
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار اسپتال پهچڻ کان اڳ دم ڏنو، جڏهن ته جوابدارن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو
ان حوالي سان ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا جو چوڻ آهي ته ٽنهي جوابدارن شهري کي ڦرلٽ ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته گشت تي موجود اهلڪارن شهري سان گڏجي مقابلو ڪيو، مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهي
اسد رضا جو چوڻ آهي جامعه ڪلاٿ جي ويجهو جوابدارن جي موٽرسائيڪل به ملي وئي آهي، مارجي ويلن ۽ زخمي جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي
هي به پڙهندا