ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف مزدورن ايڪسپورٽ زون ايريا جو مک گيٽ بند ڪري ڌرڻو هنيو، چئن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ڏانهن ويندڙ هزارين گاڏيون بيهجي ويون، مزدور اڳواڻ تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو واپس وٺڻ جو مطالبوڪيو.