ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي ۾ پوليس جي وحشياڻي تشدد جو شڪار قانون جي شاگرد شهباز خاصخيلي جي حالت بدستور ڳڻتي جوڳي، ايس ايچ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ڊفينس ٿاڻي تي متاثر شاگرد شهباز خاصخيلي جي سئوٽ عابد حسين ايڊووڪيٽ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ايس ايچ او اسرار ٻرڙو، اي ايس آءِ زاھد اقبال، 2 سپاهين زاھد جمشيد ۽ زيد گجر، ڊرائيور راڻا عليم کي نامزد ڪيو ويو. ڪيس ۾ قتل جي ڪوشش سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا. فريادي موجب منھنجو سئوٽ شھباز خاصخيلي يونيورسٽيءَ ۾ قانون جو ٻئي سال جو شاگرد آهي، 23 اپريل تي ڪال اچڻ کانپوءِ گھران نڪتو ته واپس نه موٽيو، 23 اپريل تي منهنجي سوٽ ۽ ٻين شاگردن تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو، پوليس جي فائرنگ ۾ شاگرد عبيد سومرو به زخمي ٿيو. اهلڪارن شاگردن تي لوهي راڊن سان تشدد ڪيو، شهباز خاصخيلي کي ايس ايچ او جي حڪم تي مٿي ۽ منهن ۾ رائفل جا بٽ هنيا ويا، کيس زخمي حالت ۾  ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فريادي موجب پوليس اهلڪارن 3 شاگردن کي ڦورو ڄاڻائي گرفتار ڪيو، جنهن تي منهنجو سوٽ ۽ ٻيا شاگرد سندن مدد لاءِ ٿاڻي پهتا هئا. واضح رهي ته پوليس 3 شاگردن کي حراست ۾  ورتو هو، سندن ساٿين جي ٿاڻي پهچڻ تي پوليس شاگردن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، پوليس پاران ڪيل لاٺي چارج، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ۾ 3 شاگرد زخمي ٿيا هئا، شهباز خاصخيلي جي حالت مسلسل ڳڻتي جوڳي آهي