ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني قافلي تي خودڪش حملي بابت داخل ٻئي ڪيس بابت سي ٽي ڊي ابتدائي رپورٽ دهشگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملي جو ماسٽر مائينڊ بشير زيب بلوچ هو، پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ڪمانڊر جاويد عامر رحيم جي الحرم آٽوز موبائل شو روم تان ويگو خريد ڪري خودڪش بمبار فهد کي ڏني گاڏي جو 10 هزار رپيا بيانو ڏنو ويو، باقي 71 لک پيا حب چوڪي جي نجي بينڪ کان منتقل ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل فنڊنگ ۽ پلاننگ ڪئي، دهشتگردي جو منصوبو مارجي ويل دهشتگرد شاهه فهد ۽ گرفتار جوابدار جاويد مڪمل ڪيو هو، ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ڪمانڊر بشير احمد بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل کي نامزد ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جي مدد ڪندڙ خانگي بينڪ جي حب چوڪيءَ جي آفيسر بلال ۽ اڪائونٽ هولڊر سعيد علي جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ اڪائونٽ هولڊر سعيد علي کي به نامزد ڪيو ويو آهي.