ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي ايئرپورٽ خودڪش حملي واري ڪيس جو سي ٽي ڊي پڪو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، چالان ۾ ماسٽر مائنڊ ڪمانڊر بشير بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل کي مفرور قرار ڏنو ويو، عدالت مفرور دهشتگردن کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته مفرور جوابدارن خلاف سيڪشن 87 ۽ 88 تحت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، عدالت مفرور جوابدارن جي ملڪيتن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، سي ٽي ڊي پاران جمع ڪرايل چالان موجب خودڪش ڌماڪي ۾ 2 چينين سميت 3 شهري مارجي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا، ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ 2 جوابدار جاويد ۽ گل نساء گرفتار آهن، جوابدار شاھ فهد خودڪش ڌماڪو ڪيو، ماسٽر مائنڊ ڪمانڊر بشير بلوچ عرف بشير زيب ۽ عبدالرحمان عرف رحمان گل مفرور آهن، جوابدار بشير زيب ۽ رحمان گل بندش پيل تنظيم جا ميمبر هئا، جوابدارن شاھ فهد کي خودڪش حملي لاءِ تيار ڪيو هو، چالان موجب گرفتار جوابدار جاويد ايئرپورٽ حملي کان اڳ ريڪي ڪئي، جڏهن ته گل نساءِ بلوچستان کان بارود سان ڀريل گاڏي ڪراچي آڻڻ ۾ مدد ڪئي، گرفتار جوابدار جاويد ۽ سندس ساٿي سراج عرف دانش ڌماڪي واري هنڌ موجود هئا، جيڪي ڌماڪي کانپوءِ فرار ٿي ويا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.