ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي دبئي کان پهچندڙ مسافر جا گم ٿيل 20 لکن جا زيور پوليس ڳولي ورتا، ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس زيور مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيا. پوليس موجب ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مسافر محمد اسلم پنهنجي گھرواري سان گڏ دبئي جي رستي ڪراچي پهتو هو، لگيج بيلٽ مان سامان وٺڻ دوران پورٽر غلطي مان زيورن سان ڀريل بيگ ٻئي مسافر جي ٽرلي ۾ رکي ڇڏيو، ڪجهه دير بعد بيگ جي گم ٿيڻ جو احساس ٿيو ته مسافر سامان جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي پر سامان نه مليو، ايئرلائين ڪوارٽر سول ايوي ايشن ۽ ٻين ادارن کان مدد ورتي وئي پر مسافر جو پتو نه پئجي سگهيو. پوليس موجب متاثر مسافر 28 مارچ تي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس ٽيڪنيڪل مدد سان سامان کڻي ويندڙ مسافر جو پتو لڳايو ۽ سامان مالڪ حوالي ڪيو.