ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ اولڊ مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي گھڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ هائوسنگ اينڊ ورڪس کاتي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر شهزاد بنگش وچ ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي ٿيل ملاقات دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڄاڻايل سرڪاري رهائشگاهن جي خالي پلاٽن تي گھڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ بابت جلد سنڌ ۽ وفاقي سرڪار پاران ايم او يو تي صحيح ڪئي ويندي. ان دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته شهري بحالي ۽ نئين سِر تعمير واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت مارٽن، ڪليٽن، جهانگير ڪوارٽرن ۽ پاڪستان ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي وڏا پلازا ٺاهيا ويندا جيڪي زبون حالت ۾ آهن. هن چيو ته پراڻا سرڪاري ڪوارٽر 240 ايڪڙ ايراضي تي ضلعي اوڀر ۽ ضلعي سينٽرل اندر قائم ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 1959ع ۾ راڄڌاني جي منتقلي کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران ڪوارٽرن جي سار سنڀال نه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ وفاقي ملازمن سرڪاري رهائشگاهون خالي نه ڪيون ۽ سندن ٻارن ۽ ٻين ڪجهه ماڻهن گهرن جي چوڌاري کليل جاين تي پڻ قبضا پڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير چيو ته شهري بحالي واري منصوبي جو بنيادي مقصد رهائشي سوسائٽين کي بهتر بڻائڻ، انفراسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن ۾ سڌارو آڻڻ، علائقن ۾ معاشي سرگرميون وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ آهي. وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ پڻ اهڙو ئي پلان شيئر ڪيو ۽ ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون. وڏي وزير پاران سنڌ جي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايم او يو جو مسودو جلد تيار ڪيو وڃي.