ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اوباش نوجوان جي تنگ ڪرڻ تي ناري پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ڪورنگي جي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ مهراڻ ٽائون  جي سيڪٽر G6  ۾ حبيب مسجد  ڀرسان 16 ورهين جي سدره ڌيءَ عبدالغفار گھر اندر پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، ناري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏنو. ايس ايچ او اخلاق احمد موجب ناري جي والدين بيان ڏنو ته سدره کي پاڙيسري اوباش همير ولد حفيظ تنگ ڪندو ۽ شادي لاءِ زور ڀريندو هو، جنهن سبب سدره پريشان هئي، ايس ايچ او موجب ناري جي والد جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي