ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سخي حسن ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي انڌي گولي جو نشانو بڻجي وئي ، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، وارثن جو چوڻ آهي ته مريم والد سان گڏ اسڪول وڃي رهي هئي ته اوچتو گاڏي جو پويون شيشو ٽٽي پيو ۽ کيس مٿي ۾ گولي لڳي، ٻارڙيءَ ٿڏي تي ئي دم ڏنو، پوليس موجب گرفتار جوابدار علي رضا نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ آهي، هن ٻڌايو ته روڊ تي ڦرلٽ ٿي رهي هئي، جنهن تي هُن فائرنگ ڪئي، گولي ڦورن بدران گاڏي ۾ موجود ٻارڙي کي لڳي وئي، جوابدار وٽان هٿ آيل هٿيار جي فارنزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف نگران وڏي وزير ۽ گورنر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي