ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي انتظاميا پاران پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ کي جناح باغ ۾ جلسي جي اجازت ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر اوڀر رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي ڪراچي ۾ جلسي جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي، ڊي سي موجب عدالتي حڪم تي 4 آڪٽوبر تي ڊسٽرڪٽ انٽيليجينٽس ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي هئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جي سفاش ڪئي وئي، ڊي سي موجب جيستائين امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿيندي، تيستائين جلسي جي اجازت ڏئي نٿي سگهجي.