ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف جي درٻار، پهرين ڌڪ ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ 2 ايس ايچ او گھر روانا، پوليس کي وارننگ، ڪالهه ايڊيشنل آءِ جي انجنيئر خادم رند پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ ڪراچي پوليس جي سمورن سينيئر ۽ جونيئر آفيسرن کي خطاب ڪيو. جنهن دوران هن چيو ته پوليس هيڊڪوارٽرز ۾ اهلڪارن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، سمورا ايس پيز ۽ ايس ڊي پي اوز پنهنجي صوابديد کي ڪمانڊ جي زنجير تحت استعمال ڪن، جڏهن ته ايس ايڇ اوز کي ميرٽ ۽ زيرو ٽالرنس تي مقرر ڪيو وڃي. هن انويسٽيگيشن اينڊ آپريشن کاتي کي حڪم ڏنو ته ڪيس داخل ڪرڻ کان وٺي جوابدارن جي گرفتاري ۽ عدالتن مان سزا ملڻ تائين هر قسم جو تعاون ڪيو وڃي، ايس ايچ اوز روزاني جي بنياد تي ٻه ڪلاڪ عوام سان ملڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن پوليس جو عوام سان مثبت رويو ۽ تعاون وڌي، ٿاڻن ۾ مقرر ايس ايچ اوز اسٽريٽ ڪرائيم کي ترجيحي بنيادن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مناسب حڪمت عمليون جوڙين، زمينن تي قبضن، اسمگلنگ، منشيات، بجلي چوري، غير قانوني واٽر هائڊرنٽس ۽ ٻين ڏوهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪراچي پوليس چيف ايس ايڇ او جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن ناقص ڪارڪردگي تي ايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ سهيل فيض، ايس ايچ او سرجاني امين سولنگي ۽ ايس ايچ او رضويه کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب سهيل فيض کي لينڊ مافيا جي سرپرستي، ايس ايچ او امين سولنگي کي جماعت اسلامي جي ڪائونسلر جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ ايس ايچ او رضويه کي رشوت وٺي منشيات فروشن کي ڇڏڻ تان معطل ڪيو ويو. ڪراچي پوليس چيف سمورن ايس پي (جاچ) کي هدايت ڪئي ته اهي جاچ کاتي جي بهتري لاءِ قدمن جو جائزو وٺن.