ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اچڻ کان اڳ 100 انڊيڪس 300 پوائنٽ منفي هئي، جيڪا فيصلي بعد 300پوائنٽ وڌي وئي، شام جو ڪاروباري ڏهاڙي جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 115 پوائنٽن جي واڌ سان 40191 پوائنٽن تي بند ٿي، ڪالهه 6 ارب 32 ڪروڙن رپين جي ماليت جي پوڻا 22 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو