ٺٽو (رپورٽر) ڪراچي ابراھيم حيدري جي رھواسڻ زاھدہ زال الھبچايو نانگاڻي ٺٽي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو آهي ته ابراھيم حيدري ڪراچي جي رھواسي دائود عرف دادو هتان جي بااثر ماڻهن جي چرچ تي سندن جيئڻ جنجال بنائڻ سان گڏ منھنجي پيرسن مڙس الھبچايو جيڪو بن قاسم ۾ ملازم آھي، جنھن جون گذريل 15 مھينن کان پگھارون بند ڪرائڻ بعد مٿس ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي اسان جي گھر، پلاٽ توڙي دڪانن تي به قبضا ڪرائي پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري منھنجي پٽن تي به ڪيترائي ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي کين گھرن ۽ ملڪيتن مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي،جنھن ڪري هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، هن وڌيڪ چيو ته سندس نياڻيون تعليم به پرائي نٿيون سگھن، اسڪول ويندي نياڻين کي بلاجواز تنگ ڪري پريشان ڪيو وڃي ٿو، ھن سنڌ جي وڏي وزير، چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ، آءِ جي سنڌ ڪراچي، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ساڻن انصاف ڪري گرفتار ٿيل سندس پيرسن مڙس الھبچايو کي آزاد ڪرائي سندس پٽ ۽ مڙس تي داخل ھٿ ٺوڪيا ڪيس ختم ڪرائي سندس گھر، پلاٽ ۽ دڪانن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي سندن گھر ۽ ٻيون ملڪيتون سندن حوالي ڪري کين تحفظ ڏيڻ سان گڏ ساڻن ناانصافيون ڪندڙ دائود عرف دادو ۽ سندس ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.