ڪراچي (شوبز نيوز)آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران بين الاقوامي رقص جي ڏينهن جي موقعي تي هڪ رنگارنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه، فائن آرٽ ڪميٽي جي چيئرمين فرخ شهاب، وومين امپاورمينٽ ڪميٽي جي چيئرپرسن چاند گل شاهه، اسٽيج شو/اسپيشل ايونٽ ڪميٽي جي چيئرمين اقبال لطيف ۽ وڏي تعداد ۾ تماشائين شرڪت ڪئي. آرٽس ڪائونسل جي ڊانس اڪيڊمي کان علاوه، مختلف ڊانس گروپن “انٽرنيشنل ڊانس ڊي” کي شاندار انداز ۾ ملهايو، ڪلاسيڪل هپ هاپ سميت مختلف ثقافتي ۽ فلمي گيتن تي ناچ پيش ڪيا. ملڪ جي عالمي شهرت يافته ڊانسر نگهت چوڌري ڪٿڪ ذريعي پروگرام ۾ رنگ ڀريو، جڏهن ته آرٽس ڪائونسل ڊانس اڪيڊمي جي سربراهه ماني چائو، عدنان بٽ ۽ عبدالغني شاندار رقص پيش ڪري سامعين جا دل کٽي ورتا. آرٽس ڪائونسل ڊانس اڪيڊمي جي سربراهه ماني چائو چيو ته، “اڄ اسان هتي مختلف ٻوليون ۽ ثقافتون پيش ڪري رهيا آهيون. مان هر ڪنهن کي ڀليڪار ڪريان ٿو جيڪو هتي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيو آهي. هن چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ڊانس اڪيڊمي جا فيڪلٽي ميمبر ۽ پي اين سي اي جا شاگرد پڻ اڄ پرفارم ڪري رهيا آهن.