ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جا نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانا امتحان اڄ کان شروع ٿيندا، بورڊ اختيارين موجب نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحان3 لک 75 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺندا، جن لاءِ 499 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن بورڊ چيئرمين پاران امتحاني مرڪزن ۾ موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. هڪ ٻي پڌرائي ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته اميدوار ڪنهن به مشڪوڪ واٽس ايپ گروپ جو حصو نه بڻجن. پيپر آئوٽ ڪندڙ واٽس ايپ گروپن ايڊمن ۽ ميمبرن خلاف ايف آءِ اي ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي.