ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ  وٽ تيز رفتار خوني ٽينڪر موٽر سائيڪل سوار عورت کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، فوتڻ جي سڃاڻپ 40 ورهين جي ريحانه مشتاق طور ٿي. پوليس موجب مڇريل شهرين ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، مڇريل شهرين ڪلينر کي به تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو.