ڪراچي:ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن ڏوهه باسي ورتو

0
358

ڪراچي:ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن ڏوهه باسي ورتو آھي، ان سلسلي ۾ اي آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته پوليس ٻنهي جوابدارن کي سوگهو ڪري 72 ڪلاڪن اندر ڪيس حل ڪيو آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي اي آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ ھو تھ سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان جوابدار غلام رسول کي ڊفينس مان گرفتار ڪيو ويو، ٻئي جوابدار خالد لنڊ کي ٽنڊو الهيار مان گرفتار ڪيو ويو

 ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر نينگري کي جوابدار راشن ڏيارڻ بهاني ڪار ۾ ويهاري کڻي ويا

ٻئي جوابدار نينگريءَ کي هلندڙ ڪار ۾ زيادتيءَ جو نشانو بڻائيندا رهيا، متاثر ٻارڙيءَ جو جناح اسپتال ۾ علاج جاري آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ٻوڏ متاثر ٻارڙيءَ سان گينگ ريپ: 5 جوابدار گرفتار، ڊي اين اي جزا ورتا ويا

ڪراچي: ٻوڏ متاثر نينگريءَ سان اجتماعي لڄالٽ واقعي ۾ وڌيڪ 2 جوابدار گرفتار