ڪراچي:آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ اميدوارن جو احتجاج، چڪريون، گرفتاريون

0
180

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ اميدوارن  پاران احتجاج جاري آھي، چڪريون ۽ گرفتاريون ٿيون آھن

آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پاس قرار ڏيڻ لاءِ اميدوارن جو احتجاج جاري آھي، احتجاج ۾ وڏو انگ عورتن جو پڻ آھي، سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

پوليس مظاهرين کي ريڊزون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، ڪيترائي اميدوار گرفتار ڪيا ويا، مظاهرين اکين تي پٽيون، هٿن ۾ زنجيرون ۽ ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو

آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن، گرفتار مظاھرين کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ استادن جو احتجاج، سي ايم هائوس وڃڻ جو اعلان