ڪراچي/ملير(نمائندن وٽان) ڪراچي ۾خوني ڊمپرن وڌيڪ 2 شهري چيڀاٽي ڇڏيا: 3ٽرڪن ۽ ٽينڪرن کي باهيون: ايم ڪيو ايم (حقيقي) جي چيئرمين آفاق احمد سميت 11 گرفتار: ٽرانسپورٽرن جا ڌرڻا : روڊ بلاڪ، ان ڏس ۾ بلديه ٽائون ۾ لڪي چاڙهي وٽ مسافر ڪوچ موٽر سائيڪل تي ويندڙ فيملي کي چيڀاٽي ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 30 سالن جي ڳورهاري عورت عائشه ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته سندس ڌي 8 سالن جي مريم زخمي ٿي پئي، گهر ڌڻي فقيرمحمد معجزاڻي طور بچي ويو، هوڏانهن مشرف ڪالوني ۾ ڊمپر موٽر سائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو، ٻئي طرف لانڍي ۾ مڇريل ماڻهن 2 مال برادر ٽرڪن کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس پهچي هوائي فائرنگ ڪري مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن شهر ۾ هڪ ٽينڪر کي به باهه ڏني وئي، ٻئي طرف پوليس ٽرڪون ساڙڻ واري واقعي ۾ حقيقي چيئرمين آفاق احمد، سردار، عرفان علي، ماجد، خرم دانش، يوسف چانڊيو، اسد، عبدالحفيظ ۽ حذيفه کي حراست ۾ ورتو، هوڏانهن ٽرڪن کي باهه ڏيڻ وارن واقعن خلاف ڊمپر اينڊ آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن شهر ۾ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، پورٽ قاسم چورنگي، حب چوڪي ۽ نيو سبزي منڊي تي گاڏيون بيهاري ڌرڻا هنيا ويا، ان موقعي تي ٽرانسپورٽر اڳواڻ لياقت محسود چيو ته اسان کي عدالت مان ڊمپرن جي شهر ۾ داخلا جي اجازت مليل آهي، ڏينهن جي وقت ترقياتي ڪمن، ملبو هٽائڻ، ريتي ۽ مٽي جي فراهمي لاءِ ڊمپرز ضروري آهن، رات جي وقت ڪم ڪرڻ سان شهرين جي ننڊ متاثر ٿيندي، هن چيو ته اسان جي موٽر سائيڪل سوارن سان ڪا دشمني ناهي، جيڪڏهن ڪا گاڏي حادثو ڪري ته انهي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته گذريل رات شرپسندن اسان جي 2 ٽرڪن کي باهه ڏئي ڇڏي، اسان پڇون ٿا ته انهن ڪاررواين جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته اسان سان 15 ٽرانسپورٽر تنظيمون گڏ آهن، ڪارروايون بند نه ٿيون ته اسان پنهنجون گاڏيون بيهاري شهر جا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪري ڇڏينداسين، بعد ۾ ايس ايس پي ملير پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.
خوني ڊمپرن جي اچ وڃ روڪيو: هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل
ڪراچي: ڪراچي ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪرن جي حادثن ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل،چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڌر بڻايو ويو ، درخواستگذار بئريسٽر حسن خان چيو آهي ته روزانو ڊمپر ۽ ٽينڪر شهرين کي چيڀاٽي رهيا آهن، شهر اندر هيوي ٽريفڪ هلي رهي آهي، جنهن سبب حادثا پيش اچي رهيا آهن, هيوي ٽريفڪ جي حادثن سبب هڪ سال ۾ 8 هزار شهري زخمي ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال دوران ڊمپر سميت هيوي ٽريفڪ جي حادثن سبب 74 شهري فوت ٿيا آهن، وڪيل چيو ته هيوي ٽريفڪ جا اڪثر ڊرائيور نشي جا عادي هوندا آهن, جنهن سبب حادثن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن هيوي ٽريفڪ جي شهر ۾ داخلا روڪڻ جي اپيل ڪئي.
ڪراچي ۾ 1500 پاڻي ٽينڪرن سروس بند ڪري ڇڏي: ٽينڪر مالڪ ۽ عملو خوفزده آهن: واٽر بورڊ
ڪراچي: ڪراچي واٽر بورڊ جي فوڪل پرسن شهباز بشير جو چوڻ هو ته ٽريفڪ حادثن خلاف عوامي احتجاج کانپوءِ شهر ۾ پاڻي ٽينڪر هلڻ بند ٿي ويا آهن، هن چيو ته اسانجي 6 هاڊرنٽس تان 1500 ٽينڪر پاڻي ڀرين ٿا، موجوده صورتحال ۾ ٽينڪر مالڪ ۽ عملو خوفزده آهن.