لاهور(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪراچيءَ کي گهٽ ميچون ملڻ جو اهم ڪارڻ سامهون اچي ويو . ذريعن موجب، گذريل ڪجهه سالن دوران تماشائي دلچسپي نه وٺڻ سبب ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جون گهٽ ميچون رکيون ويون، ڇاڪاڻ ته گذريل سال ٽڪيٽن جي وڪري ۾ گهٽتائي سبب پي سي بي ۽ فرنچائزن کي مالي نقصان ٿيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ٽيمون پڻ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ ميچ رکڻ جي حق ۾ نه هيون، ڪوئيٽا جو هوم گرائونڊ به پي ايس ايل 10 ۾ ڪراچيءَ بدران ٻئي شهر منتقل ڪيو ويو آهي.