لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)اڱاري ۽ اربع جي وچ ڌاري رات دير سان ڪراچي کان لاڙڪاڻي ايندڙ خانگي ڪوچ ۾ لاڙڪاڻي واسڻ بروهي ذات سان واسطو رکندڙ عورت هلندڙ ڪوچ ۾ ويم دوران تازو ٻارڙي کي جنم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻي جي خانگي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻي شازيه پٺاڻ ڪراچي ڪم سانگي ويل هئي جيڪا ساڳي ئي ڪوچ ۾ سفر ڪري رهي هئي ته ان دوران ڳورهاري عورت ٻار ڄڻڻ جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي وئي پڇا ڪرڻ تي ڳورهاري عورت ڊاڪٽرياڻي کي ٻارڙي جي پيدائش بابت ٻڌايو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرياڻي هلندڙ ڪوچ ۾ دادو ۽ ميهڙ وچ ۾ انڊس هاءِ وي تي عورت جو ويم ڪرايو جنهن ۾ عورت کي ڌيءَ جي اولاد ٿي، جڏهن ته ويم بعد عورت ۽ سندس تازو ڄاول ٻارڙي جي صحت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. عورت کي ٻار جي اولاد ٿيڻ تي ڪوچ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن عورت ۽ سندس مڙس کي ڌيءَ جي پيدائش تي مبارڪون پڻ ڏنيون. ان حوالي سان ليڊي ڊاڪٽر شازيه پٺاڻ ٻڌايو ته ڪوچ ۾ سفر ڪندڙ عورت کي تڪليف ٿي، جنهن کي مون ويم ڪرايو، هن وقت عورت توڙي سندس تازو ڄاول ڌيءَ جي حالت سڌرندڙ آهي.