ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي  تيز ته ڪٿي هلڪي برسات

0
482
ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي  تيز ته ڪٿي هلڪي برسات
ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي  تيز ته ڪٿي هلڪي برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي  تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو  ٻين صوبن ۾  به گجگوڙ سان وسڪاري جو امڪان، ڪراچي ۾ وسڪاري سان موسم خوشگوار ٿي وئي،

موڪل جي ڏينهن گرومندر، ايم اي جناح روڊ، سولجر بازار، صدر، طارق روڊ، لياقت آباد، ملير ۽ ڪورنگيءَ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات دير تائين سمهندڙ ماڻهن کي جلدي جاڳائي ڇڏيو

موسميات کاتي موجب سنڌ جي راڄڌاني سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ 20 کان 22 جولاءِ تائين تيز برسات جو امڪان آهي، پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ وقفي وقفي سان وسڪاري جو سلسلو جاري آهي

بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ سان  وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر آهي، موسميات کاتي موجب برساتن جو سلسلو ايندڙ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو