ڪراچي/ حيدرآباد/ ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) وفاق حڪومت پاران ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ غيرقانوني طريقي سان رهندڙ ڌارين خلاف آپريشن جاري آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي جي علائقي ال آصف اسڪوائر ۾ پوليس 500 گهرن جي جهڙتي دوران 300 افغين کي گرفتار ڪيو.  آپريشن ۾ ليڊيز پوليس اهلڪارن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ حصو ورتو، ايس پي سهراب ڳوٺ جو چوڻ هو ته هڪ خاندان وٽ ڪي به دستاويز نه هئا، افغانين کي هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ پوليس افغان پناهگيرن خلاف ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ 48 افغانين کي تحويل ۾ وٺي گنجي ٽڪر وٽ قائم هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.  ٽنڊو يوسف پوليس موجب بدين چالي ۽ گلشن خير محمد وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 8 افغانين کي سوگهو ڪيو. فورٽ پوليس دعويٰ ڪئي ته اسٽيشن روڊ تي ڇاپا هڻي 8 افغاني سوگها ڪيا جن کي بعد ۾ هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪيو. اهڙي ريت حالي روڊ پوليس آمريڪن ڪوارٽر سميت ٻين علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 4 افغاني پٺاڻ گرفتار ڪيا. هٽڙي پوليس دعويٰ ڪئي ته انهن هالاناڪي وٽ قائم افغاني بستي مان 22 افغاني پٺاڻن کي تحويل ۾ وٺي هولڊنگ ڪئمپ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪوٽڙي جي افغان بستي ۾ پوليس آپريشن شروع ڪيو ته افغاني گهر ڇڏي ڀڄي ويا، پوليس 15ڄڻن کي گرفتار ڪري حيدرآباد جي هولڊنگ پوائنٽ منتقل ڪيو. پوليس اٽالن افغان بستي پهچي گهر گهر تلاشي ورتي جتي اڪثر گهر خالي نظر آيا جڏهن ته ڪن گهرن ۾ معصوم ٻار اڪيلا ويٺل نظر آيا،  ايس ايس پي طارق نواز مغل ۽ ڊي سي علي ذوالفقار ميمڻ موجب ڪاروايون شروع ڪيون ڪوبه غير ملڪي هتي رهڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته آپريشن دوران اڪثر افغاني شناختي ڪارڊ ڏيکارين ٿا، جيڪي جعلي هجڻ جو شڪ هجي ٿو پر انهن جي جانچڻ لاءِ نادرا کي لکيو ويو ته هو پنهنجي موبائل ٽيم موڪلي پر نادار ڪوبه سهڪار نه پئي ڪري، افغانين کي پڪڙڻ لاء عوام به ساٿ ڏي. ڪوٽڙي ۾ غيرقانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاء جسقم جي سڏ تي ڊي سي آفيس جو گهيراء ڪري گيٽ آڏو احتجاج ڌرڻو هنيو ويو.