ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، ميرپورخاص ۽ نوابشاھ  واپس وٺڻا آھن جيڪڏهن اهي ايوانن ذريعي نه مليا ته روڊن تي اچي واپس وٺنداسين، اسان ايوان جا نه پر ايوان اسانجا محتاج آھن،  اسان کانسواءِ پاڪستان منزل تائين  پھچي نه سگهندو، ڪالهه  ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ھن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي چيو ھو ته 2023ع  کان اسانجو  دور شروع ٿي رھيو آھي،  ڪراچي کي ڪجهه عرصو قدرت واري ڪنهن ٻئي کي ڏنو پر ڪراچي ڪنهن کان نه ھليو، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي رڳو حق پرست ئي ھلائي سگھن ٿا، ايم ڪيو ايم خلاف ھٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا پر ايم ڪيو ايم کي ڪير به ختم نه ڪري سگھيو،  مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي سمورن شھرن مان ايم ڪيو ايم جا نمائندا ڪامياب ٿيندا ـ