ڪجھ ريتن رسمن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ بُڻ بڻياد

0
26
ڪجھ ريتن رسمن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ بُڻ بڻياد

شادين مرادين ۽ فوتي موتي ۾ ٿيندڙ رسمن جو ڳوڙھو اڀياس ڪرڻ، علم سماجيات جي شاگرد لاءِ انتھائي ضروري آھي. جڏھن اسين انھن جو گھرائي سان اڀياس ڪنداسين ته اسان کي انھن ريتن رسمن  ۾  انساني سماج جي ارتقاء، قومن، قبيلن ۽ نسلن جي بڻ بڻياد جا ڪيترائي آڳاٽا آثار پڻ ملندا ۽ خبر پوندي ته آھستي آھستي انساني سماج، ڪيئن نه پنھنجي شڪل صورت تبديل ڪندي، اڄوڪي منزل تائين اچي  پھتو آھي. ھي ريتون رسمون مختلف قومن/ قبيلن جي وچ ۾ ثقافتي حد بندين جو پڻ ڪم ڏين ٿيون، جيڪي ھاڻ آھستي آھستي، اربنائزيشن ٿيڻ سبب غائب  ٿينديون پيون وڃن. تغير ۽ تبديلي جي ھن سيلاب جا ڪيترائي ڪارڻ آھن، معاشي تنگي ۽ ٻين سببن جي ڪري ٿيندڙ لڏ پلاڻ، ۽ مختلف نسلن ۽ ثقافتي اڪاين جو پاڻ ۾ پيدا ٿيندڙ لڳ لاڳاپو پڻ انھيءَ تغير جا اھم محرڪ آھن. ڄاڻ پوي ٿي ته سياسي، معاشي  ۽ لساني سميت ثقافتي يلغارن ۾ مختلف قومون ۽ سندن ثقافتي اڪايون ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون پنھنجي بقا لاءِ برسر پيڪار رھن ٿيون. سنڌ ۾ مختلف قبيلن جي ريتن رسمن ۾  پڻ علم الانسان جي شاگردن لاءِ وڏو مواد موجود آھي. اچو  ته ڪجھ ريتن رسمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون، ۽ انھن رسمن جا پٺيرا پيرا کڻجن، ته جيئن ڳالھ جي اصل بڻ بڻياد تي اچي بيھجي. اسان کي سنڌي سماج ۾ ڪيترين ئي چڱاين سان گڏ ڪجھ اوڻايون/ ڪمزوريون (احساس ڪمتري سبب) پڻ نظر اچن  ٿيون. مثال طور: سنڌ جون اڪثر ذاتيون پنھنجو حسب نسب وڃي عربن، ايرانين يا بلوچن سان ملائين ٿيون. جڏھن ته سندن شڪل صورت، قد ڪاٺ، رھڻي ڪھڻي، خوشي غمي جي ريتن رسمن ۽ تھوارن مان سندن بڻ بڻياد جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي.

ماضيءَ ۾ سنڌ جي اڪثر سماٽ قبيلن جي لڏ پلاڻ ڪڇ ڀڄ ۽ جيسلمير کان سنڌ طرف  يا سنڌ کان ڪڇ ڀڄ ۽ جيسلمير طرف ٿي آھي. انھيءَ ٻه طرفي لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾  ڪيترائي سنڌي سماٽ راڄ اڄ به سرحدن جي ٻنھي طرف آباد آھن. سندن ڪيترين ئي ريتن رسمن ۾ پڻ ھڪجھڙايون ملن ٿيون. آھستي آھستي انھن ريتن رسمن ۽ روايتن ۾ تبديلي ٿيندي پئي وڃي، جيڪا فطري ڳالھ آھي، جنھن جو مکيه سبب ڳوٺن جو دائرو محدود ٿيڻ ۽ شھرن جي پکيڙ ۾ واڌ ٿيڻ سبب، مختلف نسلن ۽ ثقافتن جو باھمي ميل  ميلاپ آھي .

اسان کي مختلف سماٽ قبيلن ۾ ثقافتي تنوع پڻ نظر اچي ٿو، جنھن تي لکڻ ضروري آھي. ھتي آئون ڪوھستان ۾ موجود سماٽن (جوکين) واري پاسي جي ڪجھ ريتن رسمن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ مناسب سمجھان ٿو، جن مان ھن قبيلي جي رسمن تي اوائلي ڌرم جي اثرن، سندن بڻ بڻياد ۽ سماجي وھنوار جي خبر پوي ٿي .

اڄ کان پنجاھ سٺ سال پھريائين ٻھراڙين ۾ شادين مرادين جو رنگ روپ پنھنجي سموري رنگينين سميت رائج ھوندو ھو. شادي ۾ ٻاھران آيل مرد مھمانن (ڄاڃين) لاءِ ڇَنن جو اڏجڻ، ڄاڃين جو اچڻ، ھڏي ڀت جو رڌجڻ، سموري ڳوٺ راڄ ۾ ڏينھن جا ڏينھن ميلي جو منظر ھوندو ھو. تڏھن خوشيون غميون اجتماعي ھونديون ھيون. ڪم ڪار اجتماعي ھوندو ھو. ڪاڄ ۾ ڪمي پيشي گھوٽيتن نه پر سموري ڳوٺ ۽ راڄ جي گلا سمجھي ويندي ھئي. اسان وٽ راڄ ڀاڳ جو اصطلاح اسانجي انھيءَ سماجي اجتماعيت واري شعور  ڏانھن پڻ اشارو ڪري ٿو. ھنن موضوعن تي اسان جي  ڪيترن ئي مانوارن ليکڪن توڙي  ليکڪائن گھڻو ڪجھ لکيو آھي. ڊيگھ  کان بچندي ڪنوار کي مليل ڏاج ۽ ان ۾ ملندڙ ھڪ اڌ  شئي جو ذڪر ڪنداسين، جيڪا خاص ڌيان ڇڪائي ٿي.

اوڍھ (ڀيڻي):

عمومن سموري سنڌ خاص ڪري   ڪوھستاني ڪٽنبن ۾ عورت کي مرڪزي حيثيت حاصل آھي. جڏھن اڃان بيٺڪن ۽ ڊرائنگ رومن جو رواج نه ھئو، اوطاقون آباد ھونديون ھيون، تڏھن مھمانن کي سامھون ٿيڻ، انھن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ، مرد ۽ عورت ٻنھي جي گڏيل ذميواري ھوندي ھئي. انھيءَ ڪري نياڻي جي ڏاج ۾ ٿانوَن ٿپن سان گڏ وڏي تعداد ۾ وھاڻا، سوڙيون پڻ شامل ھونديون  ھيون، ته جيئن گھر آيل مھمانن لاءِ ڪڏھن به ھنڌ بستري جي کوٽ نه ٿئي. ھنڌ بستري ۽ ٿانوَن ٿپن جي کوٽ کي وڏو عيب سمجھيو ويندو ھو.

منھنجي پنھنجي ٻالڪپڻ واري ڌنڌلائجي ويل يادگيرين ۾ ياد اٿم ته اڄ کان سٺ ستر ورھيه اڳ اوڍھ ۾ واڍن پاران جنڊي تي گھڙيل، ڪاٺ جو ھڪ شوپيس (ٽي باءِ ٻه) رکيو  ويندو ھو، جنھن کي مقامي ماڻھو پلاڻ سڏيندا ھئا، جيڪو منجڻ/منجن تي رکي پوءِ ترتيب سان وھاڻا ۽ سوڙيون رکي اوڍھ ٺاھي ويندي ھئي. گھڻي پڇا ڳاڇا کان پوءِ به ڪٿان ڪو اطمينان جوڳو جواب نٿو ملي ته ھي ڪھڙي شئي ھئي؟ ۽ ڪڏھن کان رائج ھئي؟ ۽ ڇو رکي ويندي ھئي؟ ڇا ٻين راڄن ۾ انھيءَ جو وجود ھئو يا نه؟ انھيءَ سلسلي ۾ اھل قلم جي رھنمائي درڪار آھي. آئون سمجھان ٿو ته ھي اسلام کان اڳ واري دور جي ڪنھن ديوتا يا ديوي (بت) جو علامتي اظھار ٿي سگھي ٿو، جيڪو نسل در نسل ھلندو پئي رھيو آھي. اها شئي پڻ  ھاڻ مڪمل ختم ٿي چڪي آھي. جوکيا، سمن جي نسل مان آھن ۽ سمان خود راجپوت آھن. تنھنڪري سندن ڪيترين ئي رسمن ۾ راجسٿان ۽ ڪڇ ڀڄ جو گڏيل رنگ روپ پڻ ملي ٿو. گھڻو اڳ گھوٽ کي  وھنجاري سھنجاري تيار ڪري پٽڪو ٻڌي موڙن سان گڏ جھرمر واري کنڀي گندي لائن ٿيڻ تائين ڪلھن تي اوڍائي ويندي ھئي. اٺن تي سرگس ٿيندو ھو ۽ ڍڪڻ ڀڃڻ واري رسم (پوڄا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا …….شاھ ) ۽ لائن لھڻ کان پوءِ اھا کنڀي گندي ڏانوڻ ڏائيڻ واري ساليءَ کي گھوٽ سوکڙي ڪري ڏيندو ھو. آھستي آھستي انھيءَ کنڀي گنديءَ جي جاءِ ھن وقت اجرڪ يا لونگي والاري ورتي آھي. اڄ به جيسلمير ۽ ڪڇ ڀڄ طرف انھيءَ سان ملندڙ جلندڙ مخصوص جھرمر واري پڳڙي رائج آھي، جنھن کي راجسٿاني پڳڙي چون ٿا.

ڪنڊي جي رسم به موڪلائي وئي:

شادي کان اڳ مڱڻي جي رسم ۾ ڪنڊي لازمي ھوندي ھئي، جيڪا گھوٽيتن پاران ڪنوار کي ڏني ويندي ھئي. کارڪن، ڏونگين، ڪشمش ۽ ڊاکن جو قدآدم ھار ٺاھيو ويندو ھو، جيڪو ڪنوار کي ڏنو ويندو ھو. ڳوٺ جون مايون سڄي رات اوجاڳو ڪري ڪنڊي تيار ڪنديون ھيون. ڳوٺ جا ٻار مکين وانگي اچي چوڦير ميڙ ڪندا ھئا، انھيءَ آسري ته من ڪا کارڪ ڊاک يا ڪشمش ملي..!! شادي ھجي ۽  لاڏن ۾ ڊاکن، ڏونگين ۽ ڪشمش جو ذڪر نه ٿئي، سوال ئي نٿو پيدا ٿئي!!

ڍولا ھري ھري ھلايوس

ڍولا پيرين نه پنڌ  ڪرايوس

ڍولا ڪچڙي ڊاک چٻايوس….. (لاڏو).

ھاڻ ورلي ڪو ھار بنايو وڃي ٿو، باقي مٿي ڄاڻايل شيون ٽوڪري ۾ وجھي ڪنواريتن کي ڏنيون پيون وڃن.

پڙو ۽ ڳاڙھو رنگ:

سماٽن جي روائتي ڪنوار جي وڳي ۾ ڀرت ڀريل گج، (زري وارو گج/ مُڪي وارو گج/ ۽ ٽڪن وارو گج) ڳاڙھي ٻانڌوڻي، سوسي شلوار ۽ ان جي مٿان ڳاڙھو پڙو لازمي ھوندو ھو. لال ڪنوار جو سمورو وڳو ئي لال..!  ته ڳاڙھو رتل گھر! ڇا ته حسن ۽ خوبصورتي ھوندي ھئي! اڄ به سنڌي مائرون پنھنجن پٽڙن کي دعا ڪنديون آھن ته، شل! ڳاڙھو گھوٽ ٿيندين! آھستي آھستي گج ۽ پڙو غائب ٿيندو پيو  وڃي ۽ ان جي جاءِ شرارن ۽ غرارن جو رواج عام جام ٿيندو پيو وڃي. ڪاش! اسين ڪنوار جي روايتي سنڌي جوڙي کي ٻيھر رائج ڪريون. ھاڻ ھي گج، ۽ گج ٺاھڻ واريون وڏڙيون پڻ موڪلائينديون پيون وڃن، جيڪي شادي جي سنڌي لباس تي پيار وارو پورھيو ڪري ڏات، ڏاھپ ۽ پنھنجي جمالياتي حس سان زندگي جا رنگ ڀرينديون ھيون.

رنگين ريشمي رومال:

ڪجھ سال اڳ جڏھن ڪرد مزاحمتي تحريڪ ۾ عورت ويڙھاڪن جون وڊيوز سوشل ميڊيا جي زينت بڻيون ھيون، تڏھن انھن عورت ويڙھاڪن جي مٿي تي ريشمي جھالرن وارا رنگين رومال ٻڌل ھئا. ساڳي قسم جا رومال ويجھڙائي واري دؤر تائين سنڌ جي جابلو علائقي جي سماٽ قبيلن ۾ پڻ شادي مرادي تي جوانڙن جي ڪلھي تي موجود ھوندا ھئا. اسان جون امڙيون خوشي جي موقعن تي وڏي لاڏ ڪوڏ سان انھن تي رنگين پشم مان ٺھيل ريشمي جھالرون (ڦل) ٺاھينديون ھيون. ساڳي طرح ننڍڙن پتڪڙن ٻارن لاءِ ڦلن واريون گول ٽوپيون پڻ ٺاھينديون ھيون. اھڙي قسم جا رومال ۽ ٽوپيون ھاڻ آھستي آھستي غائب  ٿيندا پيا وڃن. متان ڪو ايئن نه سمجھي ته سماٽ، ڪردن جو نسل آھن! سمجھ ۾ پيو اچي ته ھي رومال پڻ صديون اڳ سنڌ مان عراقي علائقي ڪردستان ۾ ويو آھي، جيڪو  ڪردن جي لباس جو اھم جز بنجي رائج ٿي ويو آھي، ۽ اسان وٽان آھستي آھستي گم ٿي ويو آھي. اسان جي سنڌو تھذيب جا عراق جي ھن ڪرد علائقي سان واپاري ۽ ثقافتي تعلقات صدين کان رھيا آھن. تنھنڪري ھن ھڪجھڙائي تي اچرج ۾ نه اچڻ گھرجي.

مردانا بُجڪا (پرس):

شادين ۾ ڪنواريتن پاران گھوٽ کي ڏنل وڳي سان گڏ بُجڪو پڻ لازمي ھوندو ھو. گھوٽ لائنون لھڻ کان پوءِ چٻڻو (ڊرائي فروٽ، پتاشا، کٽمٺڙا، جوهر جون ٽڪيون ۽ سوپاريون وغيرہ) بُجڪي ۾ وجھي ڇَني ۾ دوستن ۽ ھڪ جيڏن ۾ ورھائڻ لاءِ ويندو ھئو. اصل ۾ ھي مردانا بُجڪا سنوارت جي سامان رکڻ لاءِ ڏنا ويندا ھئا. وقت گذرڻ سان ھاڻ ھي بُجڪا به ناپيد ٿي ويا آھن.

روايتي زيور:

اڄ کان سٺ ستر سال اڳ ڪيترائي روايتي زيور پڻ ھئا، جيڪي ھاڻ غائب ٿيندا پيا وڃن. نٿن جي جاءِ تي وينڊا اچي ويا، دھري جي جاءِ فيشني ھار والاري ويا آھن. پراڻي دور جون ڇيرون، پازيب، ھس ۽ ڦلڪا به ھاڻ ڪي ورلي نظر اچن ٿا. چاندي جون ٻانھيون، چوڙيون. چوڙا ۽ ڇيرون به اڻ لڀ ٿي ويا آھن. باقي چاندي جا وريول کيرول اڃان به رائج آھن. ڪوھستان جو سگھڙ شاعر باغ محمد ‘بيشڪ’ پنھنجي ھڪ ڊگھي بيت ۾ 20هين صدي ۾ سماٽن ۾ ڪنوار جي ھيٺين لفظن ۾ زيورن جو دلچسپ انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. بيت:

سسئي جي شادي جو کٽين منجھ خمار

لکئي ويل لائن جي سسئي ڪيو سينگار

ڪنين پاءِ ڪيوٽيون الپاڪ وجھي اپار

نٿ بولو نسبي ڏاندڙي جي ڏھڪار

ڏنئورا سونھن ڏاوڻ ۾ اليء جي آڌار

زري پوپٽ زلف سين ڪارا منجھ ڪپار ….

20هين صدي جي ھن سگھڙ شاعر، جيڪو سندم چاچو آھي، ھڪ ئي بيت ۾ 36 مختلف زيورن جو ذڪر ڪيو آھي، جن مان ڪيترا ھاڻ متروڪ ٿي چڪا آھن. تبديلي جي ھن طوفان ۾ راڄن جا سونارا به وڃن پيا ٻين ڌنڌن ڌاڙين سان لڳندا. ننڍڙا ھوندا ھئاسين ته ٺٽي جو سونارو چيلارام، پوءِ سندس پٽ تارا، ڪوھستاني جوکين جي راڄ جا سونارا ھوندا ھئا. اڪثر سونارن جا راڄ ورھايل ھوندا ھئا. لکين روپين جا سونا ۽ چاندي جا زيور وٽن ماڻھو امانت ڪري رکندا ھئا. سندن سمورو ڪاروبار ڀروسي تي پيو ھلندو ھو. خانداني سونارن وٽ نياڻي سياڻي جو احترام ھوندو ھو. سندن ڪاروبار ۽ پيسي ڏوڪڙ جي واري ڦيري گھڻي ڀاڱي مردن کان وڌيڪ زائفائن (عورتن) سان ھوندي ھئي.

فوتگي جو رسمون ۽ اڇو رنگ:

ڪاري رنگ کي گھڻو ڪري ڏک ۽ احتجاج جي علامت ۽ سفيد رنگ کي امن ۽ آشتي جي علامت سمجھيو ويندو آھي پر سناتن ڌرم ۾ وري انھيءَ جي ابتڙ سفيد رنگ امن ۽ سلامتي سان گڏ ڏک ۽ غمي جي علامت طور پڻ سمجھيو ويندو آھي. ھندن ۾ گھر جي ڪنھن فرد جي ديھانت وقت ٿيندڙ ڪرياڪرم ۾ سندس ويجھا عزيز، خاص ڪري عورتون سفيد لباس ۽ سفيد رئو پھرينديون آھن. اسان سماٽن (جوکين) ۾ پڻ ويجھڙائي واري دؤر تائين ڪنھن عزيز جي فوتگي وقت سوڳ ۾ سندس ويجھيون عزيز عورتون پنھنجا ھار سينگار ۽ زيور لاھي ٻسيون بنجي، سفيد رئو (گندي) پھرينديون ھيون، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ فوتي جي ٻارھي تائين برقرار رکنديون ھيون. مرد فوتي جو ڪپڙو لٽو ۽ ذاتي استعمال جون شيون کٽ تي ترتيب سان رکي ان مٿان چادر وڇائي ڇڏبي ھئي، جيڪا فوتي جي ٻارھي تائين ساڳين حالت سان رکي ويندي ھئي. اسين ڏسنداسين ته قديم دور ۾ فوتين سان گڏ سندن ذاتي استعمال جون شيون پڻ دفن ڪيون وينديون ھيون، جو سندن ويساھ ھوندو ھو ته مرڻ کان پوءِ مردي کي انھن شين جي ضرورت پوندي. سماٽن ۾ فوتي جي ذاتي استعمال جي شين کي محفوظ ڪري رکڻ، انھيءَ رسم ۽ انھيءَ ۾ موجود تصور (عقيدي) طرف اشارو آھي. وقت گذرڻ ۽ ماڻھن ۾ شعور اچڻ سان ھاڻ ھي رسم پڻ آھستي آھستي ختم ٿي رھي آھي.

قومن جون رسمون ۽ رواج جاگرافيائي يا سياسي حد بندين جون محتاج نه ھوندا آھن پر ھي تبديلي ھڪ فطري عمل آھي، جيڪا سماجي ۽ تمدني ترقي سا ڳنڍيل آھي، جنھن کي اسين روڪي نٿا سگھون. باقي وقت سان گڏ ھلڻ لاءِ ضروري آھي ته بنيادي اساس کي قائم رکندي انھن ريتن رسمن ۾ نواڻ پيدا ڪجي ۽ انھن ثقافتي شين جي مارڪيٽنگ ضروري آھي، ته جيئن اسان جي ھنر مند ڀائرن ۽ ڀينرن کي سندن محنت جو مناسب اجورو ملي سگھي. ٻئي طرف اسان جو نئون نسل انھن کان روشناس ٿي سگھي ۽ اسان جي قومي سڃاڻپ پڻ برقرار رھي سگھي.