اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جو چوڻ آهي ته ڀارت ويزا ختم ڪرڻ سان مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين جي واپسي بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڪيترن ئي مريضن کي علاج مڪمل ٿيڻ کان اڳ واپس اچڻو پيو، جڏهن ته خاندانن جي وڇوڙي ۽ ٻارن جي والدين کان جدا ٿيڻ جا به اطلاع مليا آهن، جڏهن ته واهگا-اٽاري سرحد پار ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 اپريل هئي، ڪجهه پاڪستاني شهري اٽاري ۾ ڦاٿل آهن. جيڪڏهن ڀارتي اختيارين اجازت ڏين ته پاڪستان پنهنجن شهرين کي واپس وٺڻ لاءِ تيار آهي پرڏيهي وزارت اها به وضاحت ڪئي ته پاڪستاني شهرين لاءِ واهگا بارڊر ايندڙ وقت ۾ به کليل رهندو.